ٽلو خان سپهه سالار

ٽلو خان سپهه سالار: ڪاڇي جو ويٺل جرنيل ٽلي خان جي پيءُ جو نالو جٺو خان ۽ والده جو نالو مائي بانکي هو. ٽلو خان سردار وريل خان جي دور ۾ جنهن چانڊيا جاگير ۾ سرداريءَ جي پڳ 1184/1780ع ۾ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ٻڌي ان دور جو هو. ٽلو خان سردار وريل خان جي پٽ ولي محمد خان سان صلاحو ٿي ڪليرين جي سردار دلاور خان جون 200 ڏاچيون ڪاهيون جو گذريل چئن سالن کان وريل خان جو ڪليرين ڏي پلاند هو. جيڪو هو نه ڏئي رهيا هئا. اهو سن 1198هه/ 1783ع جو واقعو آهي. وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ ٽلي خان جوهر ڏسيا ۽ ناماچاري ماڻي. بڪڪ قوم ڏي به چانڊين جو پلاند رهيل هو. جنهن ڪري ٽلي خان جي نگراني ۾ بڪڪن جي سردار رتي خان تي به حملو ڪيو ۽ پلاند ورتو. هي 1207هه/1792ع جو واقعو آهي. ان کان سواءِ به هن چانڊين جي سپهه سالار هيٺين جنگين ۾ حصو ورتو.
1. سردار جاڙي خان نوحاڻي سان جنگ 1211هه/ 1796ع
2. سردار قنبر خان مهر سان جنگ 1214هه/ 1799ع
3. لهرن سان جنگ 1216هه/ 1801ع
4. ميرو خان ڪلپر سان جنگ 1217هه/ 1802ع
ڪلپرن واري جنگ جي ڪاميابي کان پوءِ سردار وريل خان جو پٽ ولي محمد خان 1218هه/ 1803ع ۾ سرداري جي مسند تي ويٺو. ٽلو خان سندس وڏو سپهه سالار رهيو. ولي محمد خان جي وقت ۾ به هن ڪيتريون ئي جنگيون لڙيون جن مان اهم هي آهن.
1. گھاڙي مگسين پاران عمراڻين سان جنگ 1219هه/ 1804ع
2. سردار بکر خان سرائي سان جنگ 1222هه/ 1807ع
3. سردار دلبر خان کٽياڻ سان جنگ 1224هه/ 1809ع
4. بدل خان لاشاريءَ سان جنگ 1227هه/ 1812ع
5. سردار محمد رحيم خان عمراڻيءَ سان جنگ 1231هه/ 1815ع
6. چوهر خان جاگيراڻي سان جنگ 1231هه/ 1815ع
7. نومڙين سان جنگ 1244هه/ 1828ع
8. مزار خان ڪلوٽي سان جنگ 1248هه/ 1832ع
9. جنگ ٻير گھاڙي 1248هه/ 1832ع
10. جنگ ليبو 1249هه/ 1833ع
11. جنگ بنگاهه 1250هه/ 1834ع
12. سٻاهين سان جنگ 1250هه/ 1834ع
13. علي شير ڪلپر بگٽيءَ سان جنگ 1257هه/ 1841ع
علي شير ڪلپر مير نور محمد حيدرآباد جي حڪمران سان بغاوت ڪئي هئي ۽ مير نور محمد جي چوڻ تي چانڊين جي سردار، ٽلو خان کي لشڪر ڏئي علي شير کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ٽلو خان، علي شير ڪلپر کي گرفتار ڪري حيدرآباد ۾ ميرن وٽ پهچايو. اڻ پڙهيل هو. پر دلير ڏاڍو هو. 1261هه/ 1845ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو